اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ

اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ (ڪتاب ):هي ڪتاب نامياري اديب ۽ محقق اشتياق انصاريءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي قديم اڻ آريائي قبيلي، اوڏن جي اصليت، رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن ۽ ڪرت ڪسب جي ڪٿا خوبصورت انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ليکڪ لکيو آهي ته هن ڪتاب ۾ دراصل ٻن دوستن جي سچي ڪهاڻي آهي، هڪ مسلم آهي ۽ ٻيو هندو. هڪ پئسي موٽرن وارو، ٻيومسڪين گڏهه تي مٽي ڍوئيندڙ، هڪ پڙهيل لکيل ۽ ٻئي کي ڪلهي تي ڪوڏر، پر ايتري طبقاتي اوچ نيچ جي باوجود دوستيءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ هو هڪٻئي لاءِ الائي ڪيتريون قربانيون ڏين ٿا. دنيا ۾ اهڙي مثالي دوستي ڏسي، فخر سان دوستيءَ جهڙي رشتي جو قسم کائي سگهي ٿو.) هن ڪتاب ۾ ٿورو گهڻو اوڏن تي انيٿرا پالاجيڪل مطالعي جو اثر به محسوس ٿئي ٿو. ان ڏس ۾ ڪيترائي ڦوٽو پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ اوڏڪي ٻوليءَ جي عام لفظن جي سنڌي معنيٰ پڻ ڏني وئي آهي، 248 صفحن تي مبني هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا رکيل آهي. چئن رنگن ٽائيٽل واري هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2004ع ۽ ٻيو ڇاپو 2009ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو